وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جا نالا سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز جا نالا سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز کي ڏيهه گهرائي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ايون فيلڊ جي ملڪيت جي حوالي سان برطانوي حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته ايون فيلڊ پاڪستاني عوام جي ملڪيت آهي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته اسحاق ڊار، حسن ۽ حسين نواز کي ڏيهه گهرائي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو  ويو آهي.

اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا پاران وزيرن جي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج ڪرائڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.

اجلاس ۾ پرڏيهه مان ڦريل دولت جي واپسيءَ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

بئريسٽر شهزاد اڪبر جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ٽاسڪ فورس کي پرڏيهه مان قومي دولت جي واپسيءَ لاءِ ٻن هفتن ۾حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ٽاسڪ فورس سمورين وزارتن مان مني لانڊرنگ جي ڪيسن جا تفصيل گڏ ڪندي جڏهن ته پرڏيهه رقم جي واپسي جي ٺاهن جو به جائزو وٺندي.

وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن کي ٽاسڪ ڏيندي چيو ته گوڊ گورننس ۽ ميرٽ جو نظام اختيار ڪيو وڃي ڇو ته عوام جي ڏنل مئنڊيٽ تي پورو لهڻو آهي.

اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته قانون ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حسن، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.

هن چيو ته ايون فيلڊ فليٽس پاڪستاني عوام جي ملڪيت آهن، قانون واري وزارت ان سلسلي ۾ برطانيا حڪومت سان رابطو ڪندي.

فواد چوڌري چيو ته وزيرن جي پرڏيهي دورن کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪرپشن جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*