نار وارن ملڪن سوڌو امريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ اڄ مسلمان عيدالاضحيٰ ملهائي رهيا آهن

نار وارن ملڪن سوڌو امريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ اڄ مسلمان عيدالاضحيٰ ملهائي رهيا آهن.

سعوي عرب ۾مسجدالحرام۽ مسجد نبوي صه ۾ عيد جا وڏا اجتماع ٿيا، جنهن ۾ حاجي سڳورن سميت لکين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي عالم اسلام جي بهتري ۽ امن لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

 امريڪا ۾ واشنگٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن جي مسجدن ۾لکين مسلمان اڄ عيدنماز ادا ڪندا، جڏهن ته ڪينيڊا، برطانيه ۽ ڪجهه يورپي ملڪن ۾ به اڄ عيدالاضحيٰ ملهائي پئي وڃي.

 متحده عرب امارات، مسقط، عمان، بحرين ۽ نار جي ٻين ملڪن ۾عيدنماز ادائيگي کانپوءِ قرباني جو سلسلو جاري آهي.

 افغانستان ۾ به اڄ عيدالضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، افغان صدر اشرف غني صدارتي محل ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جڏهن ته ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيدنماز اجتماع ٿيا.

 واضح رهي ته پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ عيد الاضحيٰ سڀاڻي  ملهائي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*