مزدلفه ۾ رات قيام کانپوءِ حاجي سڳورا پهرين ڏينهن جي رمي لاءِ منيٰ پهچي ويا

مزدلفه ۾ رات قيام کانپوءِ حاجي سڳورا پهرين ڏينهن جي رمي لاءِ منيٰ پهچي ويا.

 حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪندڙ لکين حاجي اڄ شيطان کي پٿريون هڻي رهيا آهن، حاجي وڏي شيطان کي پٿريون هڻڻ بعد قرباني ڪري رهيا آهن ۽ قرباني کانپوءِ مٿو ڪوڙائي احرام کولڻ جو عمل به جاري آهي.

 حاجي سڳورا عام لباس ۾ طواف افاضه جي لاءِ مسجدالحرام پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، حاجي طواف زيارت ۽ صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي به ڪندا.

 سعودي عملدارن موجب هن سال 23 لک 71 هزار کان وڌيڪ پانڌيئڙن حج جو فرض ادا ڪيو.

 سعودي عرب ۾ عيدالاضحيٰ جو سڀ کان وڏو اجتماع مسجدالحرام ۽ مسجد نبوي صه ۾ ٿيو، جنهن کانپوءِ حاجين طرفان لڳ ڀڳ 20 لکن کان وڌيڪ جانور قربان ڪيا ويا آهن……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*