اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي اوچتو طبيعت خرابي تي اڊيالا جيل کان راولپنڊي اسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ناٺي ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي اوچتو طبيعت خرابي تي اڊيالا جيل کان راولپنڊي اسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو.

 گذريل ڏينهن ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي اڊيالا جيل ۾طبيعت خراب ٿي پئي هئي جنهن تي کيس اسپتال ۾ ئي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

 ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي اوچتو طبيعت خراب ٿيڻ تي راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس مختلف ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن، جن جي رپورٽس اچڻ کانپوءِ کيس ٻيهر جيل منتقلي جو فيصلو ڪيو ويندو.

 ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ڪجهه  ڏينهن پهريان به گردي جي تڪليف سبب پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*