دهشتگردن افغان صدر جي موجودگي ۾ صدارتي محل تي  عيد نماز  جي اجتماع دوران راڪيٽن سان حملو  ڪيو آهي

دهشتگردن افغان صدر جي موجودگي ۾ صدارتي محل تي  عيد نماز  جي اجتماع دوران راڪيٽن سان حملو  ڪيو آهي، فورسز پاران جوابي ڪارروائي ڪئي وئي جنهن ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن، جڏهن ته حملي جي وزيراعظم عمران خان شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

 افغان خابرو اداري موجب دهشتگردن ڪابل ۾ صدارتي محل تي صبح جو 9 وڳي راڪيٽن سان حملا ڪيا، هي حملا ان وقت ڪيا ويا جڏهن افغان صدر اشرف غني عيد اجتماع کي خطاب ڪري رهيو هو.

 افغان ميڊيا موجب صدارتي محل تي راڪيٽ حملو طالبان ڪيو، حملي کانپوءِ علائقي ۾ افغان فورسز ۽ دهشتگردن ۾ چڪريون جاري آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا.

 افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي ۽ ملٽري هيلي ڪاپٽر علائقي ۾ لڪيل دهشتگردن کي ڳولي نشانو بڻائي رهيا آهن.

 وزيراعظم عمران خان ڪابل ۾ صدارتي محل ويجهو راڪيٽ حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته مذهبي ڏينهن تي بزدلاڻي ڪارروائي شڪست کاڌل ذهنيت جي عڪاس آهي.

 هن حملي جي مذمت ڪندي وڌيڪ چيو ته هن بزدلاڻي سوچ کي شڪست ڏيڻ لاءِ افغان حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهيون…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*