اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو هو جنهن بعد بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير  فواد چوڌري ٻڌايو ته ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌايل نواز شريف ۽ سندس صاحبزادي  مريم جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 ميڊيا رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا جي فيصلي بعد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جنهن بعد انهن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي عائد ٿي وئي آهي.

 واضح رهي ته  نواز شريف، مريم نواز ۽ سندس مڙس ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر کي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا بڌائي  جنهن بعد ٽئي ڄڻا اڊيالا جيل اندر قيد آهن…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*