مدئجي ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري اڌڙوٽ شخص کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا

مدئجي ويجهو جوابدار فائرنگ ڪري اڌڙوٽ شخص کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.

ڪچي جي ڳوٺ فقير ۾ جوابدارن جي فائرنگ دوران گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ 45 ورهين جو امام بخش جوڻيجو  مارجي ويو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي ويهه ميل ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال مدئجي پهچايو.

مقتول جولاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

ويهه ميل پوليس ٻڌايوته مقتول گهر ۾ ستل هو ته جوابدار کيس گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.

پوليس موجب مقتول سان سندس سئوٽن جو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان کيس قتل ڪيو ويوآهي، وڌيڪ ڪارروائي مقتول جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ بعد ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*