نئين ديري۾ پنهنجي گهراندر ستل نوجوان جولاش هٿ ڪيو ويوآهي، پوليس موجب نوجوان جاگهر ڀاتي شهر کان ٻاهرگهمڻ ويل هئا

نئين ديري۾ پنهنجي گهراندر ستل نوجوان جولاش هٿ ڪيو ويوآهي، پوليس موجب نوجوان جاگهر ڀاتي شهر کان ٻاهرگهمڻ ويل هئا، نوجوان کي منهن تي وهاڻو رکي ساھ ٻوساٽي قتل ڪيو ويوآهي.

پيرڳوٺ پاڙي ۾گهر اندر ستل نوجوان آفاق علي سيال جو پنهنجي گهر مان لاش هٿ ڪيو ويو.

پاڙي وارن جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ  اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 نئون ديرو پوليس جو چوڻ آهي ته  نوجوان کي منهن تي وهاڻو رکي، ساھ ٻوساٽي قتل ڪيو ويو آھي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد خبر پوندي.

 جڏھن ته نوجوان جا گهر ڀاتي سيوهڻ درگاھ قلندر جي زيارت لاءِ ويل هئا۽ نوجوان گهر ۾ اڪيلو ترسيل هو.

 نوجوان آفاق علي جي ڏاڏي ممتاز علي جو چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي ته پوٽي کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*