نوري آباد ويجهو هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل  نوجوان جو تشدد ٿيل لاش سپر هاءِ وي تي واقع ِڦٽل هوٽل جي تندور مان هٿ آيو

نوري آباد ويجهو هڪ ڏينهن اڳ گم ٿيل  نوجوان جو تشدد ٿيل لاش سپر هاءِ وي تي واقع ِڦٽل هوٽل جي تندور مان هٿ آيو، پوليس لاش کڻائي ڪوٽڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ جان محمد جاکرو مان گم ڄاڻايل صادق جاکرو جي ڳولا بعد سندس وارثن کي سپر هاءِ وي تي هڪ هوٽل جي پراڻي تندور مان نوجوان جو تشدد لاش هٿ آيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان صادق جاکرو جو لاش تحويل ۾ وٺي ڪوٽڙي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

ٻڌايو وڃي ٿو ته مارجي ويل نوجوان صادق جاکرو نوري آباد جي هڪ مارڪيٽ ۾رات جي وقت چوڪيدار ي ڪندو هو.

مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي نه وري ڪنهن تي شڪ آهي، ظالمن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري ظلم ڪيو آهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*