سامارو ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن  هڪ گهر ۾گهڙي تيز ڌار واري اوزار سان شادي شده نوجوان جو ڳلو ڪپي ڇڏيو

سامارو ڀرسان اڻڄاتل ماڻهن  هڪ گهر ۾گهڙي تيز ڌار واري اوزار سان شادي شده نوجوان جو ڳلو ڪپي ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺي لاش تعلقي اسپتال کڻائي وئي.

بودر فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏماڻو ۾گذريل رات نامعلوم ماڻهو 25 سالن جي پھلاج پٽ اندو ڪولھي جو تيز ڌار واري اوزار سان ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا.

صبح جو گهر ڀاتين  نوجوان جو رت ۾ ٻڏل لاش ڏسي دانهون ڪيون، جنهن  سبب پاڙيسري گڏ ٿي ويا، اطلاع ملندي ئي بودر فارم ٿاڻي جي پوليس پڻ پهچي وئي.

پوليس واقعي واري ھنڌ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارث لاش ڳوٺ کڻائي ويا.

نوجوان جي وارثن موجب  پهلاج ڪولهي عطائي ڊاڪٽر هو، سندس ڪنهن سان دشمني هئي، ان بابت اسان کي ڪا به خبر ناهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني تحت ئي پيش آيو آهي، جاءِ واردات جي جائزي دوران معلوم ٿيو آهي ته قتل واقعي ۾ ٻه کان ٽي ماڻهو  ملوث آهن، نوجوان جي وارثن ۽ پاڙي جي ڪجهه ماڻهن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*