ڪراچي ۾پوليس گينگ وار جي اهم رڪن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن

ڪراچي ۾پوليس گينگ وار جي اهم رڪن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

پاڪ ڪالوني ۾ جوابدار شيراز عرف ڊڪيت کي ڇاپي دوران گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته  4 جوابدار فرار ٿي ويا آهن.

 پوليس موجب گرفتار جوابدار ساجد واجد ڊڪيت جو ڀاڻيجو آهي جيڪو قتل ۽ ڀتي خوري سوڌو مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ جوابدار ڪافي عرصي کان منشيات جا اڏا هلائيندو هو.

 پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار شيراز 3 سڳن ڀائرن ثاقب، حاجي ڪاشف ۽ آصف جي قتل ۾ ملوث آهي.

 پوليس وڌيڪ ٻڌايو آهي ته جوابدار جا 4 ساٿي غازي خان، شاڪر شاڪا، فهدلاشاري ۽ ماما يعقوب ڇاپي دوران فرار ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*