ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊڪوارٽرز ۾اجلاس ٿيو

ريلوي واري وزير شيخ رشيد جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊڪوارٽرز ۾اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ريلوي واري سيڪريٽريءَ وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني.

وفاقي وزير شيخ رشيد کي بريفنگ ڏيندي ريلوي سيڪريٽريءَ جو چوڻ هو ته ريلوي کي هن وقت 37 ارب جو خسارو آهي.

ان موقعي تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته اسان کي ڪفايت شعاري جي پاليسيءَ تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي، جيڪو هر حال ۾ ڪرايو ويندو.

شيخ رشيد جو چوڻ هو ته مون سميت ڪو به آفيسر وي آءِ پي پروٽوڪول نه وٺندو، پاڪستان جو عوام ئي اسان لاءِ وي آءِ پي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*