پنجاب ۾ نون ليگ کي هڪ ڀيرو وري وڏو ڌڪ لڳي ويو، ناراض اڳواڻ زعيم قادري پنهنجي گهر واري سميت پي ٽي آَءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي

پنجاب ۾ نون ليگ کي هڪ ڀيرو وري وڏو ڌڪ لڳي ويو، ناراض اڳواڻ زعيم قادري پنهنجي گهر واري سميت پي ٽي آَءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، باقاعده شموليت جو اعلان ٻن ڏينهن ۾ ڪندو.

نون ليگ جي اڳوڻِي صوبائي وزير زعيم قادري پارٽِي قيادت کان ناراضگي بعد سياسي رستا الڳ ڪندي پنهنجي گهر واري عظميٰ قادريءَ سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن  جو چوڻ آهي ته زعيم قادري طرفان پي ٽي آءِ ۾ باقاعده شموليت جو اعلان ٻن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو.

ٻئي طرف آزاد اميدوار سيد عمران ۽ آصف رضا بيگ به پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ َآهي ته ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان متوقع آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*