قمبر ۾ حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف بروهي برادري جي ماڻهن طرفان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

قمبر ۾ حملي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف بروهي برادري جي ماڻهن طرفان  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

بروهي برادري جي ماڻھن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي محمد جان بروهي، شبير بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عيد جي ٻئي ڏينهن ڳوٺ ڦال ڀرسان جوابدارن حملو ڪري نوجوان فياض بروهي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو.

 زخمي نوجوان لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾داخل آھي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي آھي.

 هنن چيو ته حملي جو ڪيس قمبر جي صدر ٿاڻي تي 5 جوابدارن خلاف داخل ڪرايو، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران رشوت وٺي خاموش آھي.

هنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيوآهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*