صحت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو عمر ڪوٽ سول اسپتال ۾ مريضن کي دائون نه ملڻ ۽ عملي جي غير حاضري  جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي

صحت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو عمر ڪوٽ سول اسپتال ۾ مريضن کي دائون نه ملڻ ۽ عملي جي غير حاضري  جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو  عمرڪوٽ سول اسپتال جو اڄ صبح  اوچتو دورو ڪيو، جنهن دوران مقرر ڪيل 42 ڊاڪٽرن مان صرف 3 ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود هئا، جڏهن ته ان موقعي تي مريضن به دوائون نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون.

ڊاڪٽر عذرا پيچوهو عملي جي غيرحاضري ۽ اسپتال آيل مريضن جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي  ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او کي ڇنڊ پٽي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنرعمرڪوٽ ۽ ڊي ايڇ او هيلٿ عمرڪوٽ کي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*