ڍورونارو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايم اين اي لال مالهي تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڍورونارو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ايم اين اي لال مالهي تي ٿيل حملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن حاجي آچر مري ۽ پرڪاش مالهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مارچ گرهوڙي بس اسٽينڊ کان پريس ڪلب تائين ڪيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته لال مالهي تي سازش ڪري حملو ڪيو ويو جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي.

 هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*