لاهور جي  سروسز اسپتال ۾ لفٽس فعال نه هئڻ واري معاملو جو نوٽيس

لاهور جي  سروسز اسپتال ۾ لفٽس فعال نه هئڻ واري معاملو جو نوٽيس وٺندي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس لفٽس فوري فعال ڪرڻ ۽ ڪمپني جي سي اِي او کي 29 آگسٽ تي رپورٽ سميت چيمبر ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سروسز اسپتال جي لفٽس فعال نه  هئڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار  سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽري محمود اياز عدالت کي ٻڌايو ته سروسز اسپتال جون سموريون لفٽس خراب آهن، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪمپني جو سي اي او ڪٿي آهي؟

ڪمپني جي وڪيل عدالت کي ۾ موقف اختيار ڪيو ته سي اي او حج تي ويو آهي، 27 آگسٽ تي واپس ايندو، ڪمپنيءَ سموريون لفٽس فعالم ڪري انتظاميا حوالي ڪيون.

چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏناته معاملو  نيب کي موڪليون ٿا، سي اي اوڳ جيئن ئي واپس اچي، ڪپڙا بدلائي لفٽس ٺيڪ ڪرڻ پهچي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*