چار سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي فارمز جي  وصولي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي

چار سيپٽمبر تي ٿيندڙ صدارتي چونڊ لاءِ اميدوارن پاران نامزدگي فارمز جي  وصولي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي، سنڌ مان  هڪ ڄڻي نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتو آهي.

صدر پاڪستان لاءِ چونڊ 4 سيپٽمبر تي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ اميدوارن پاران نامينيشن پيپرز  وٺڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمندن کي چيو ويو آهي ته اهي سنڌ هاءِ ڪورٽ رجسٽرار وٽان نامزدگي فارم وصول ڪري سگهن ٿا.

ٻئي طرف  نامزدگي فارم وصول ۽ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

ان سلسلي ۾حيدرآباد واسي غيور محمد نامزدگي فارم حاصل ڪري ورتا آهن، جنهن جو چوڻ آهي ته هو صدر پاڪستان لاءِ موزون اميدوار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*