مني لانڊرنگ ڪيس ۾عدالت انور مجيد سميت ٻن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾27 آگسٽ تائين واڌ

مني لانڊرنگ ڪيس ۾عدالت انور مجيد سميت ٻن جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾27 آگسٽ تائين واڌ ڪندي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي چوٿون ڀيرو سومر ڏهاڙي  طلب ڪري ورتو آهي.

ڪراچي جي بينڪنگ ڪورٽ ۾مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي جوابدار غني مجيد کي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته انور مجيد بيمار هئڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو.

جوابدار جي وڪيل عدالت ۾موقف اختيار ڪيو ته منهنجي موڪل انور مجيد کي راتين جون راتيون جاڳائي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، کيس برين هيمرج جو خطرو آهي، سندس طبي معائنو ڪرايو وڃي.

ان موقعي تي عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار انور مجيد جو جو طبي معائنو ڪرائي  رپورٽ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي.

ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته جوابدار کان پڇا ڳاڇا ۽ جاچ  مڪمل ناهي، رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي، جنهن تي جوابدار جي وڪيل جو چوڻ هو ته انور مجيد کي عدالتي رمانڊ تي موڪليو وڃي، هو اسپتال ۾ آهي، ايف آءِ اي کي جوابدار کان نه لاڳاپيل بئنڪز کان رڪارڊ  وٺڻو آهي.

عدالت   ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر  جي استدعا کي منظور ڪندي جوابدار انور مجيد جي جسماني رمانڊ ۾27 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ بئنڪنگ ڪورٽ ۾مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي ايف آءِ اي اختيارين عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ٽي ڀيرا پيش نه ٿيا آهن.

بئنڪنگ ڪورٽ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ڇوٿون ڀيرو طلب ڪندي سومر ڏهاڙي صبح 11 وڳي جعلي اڪائونٽس  ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ايف آءِ اي اختيارين جو وڌيڪ چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر هن ڀيري پيش نه ٿيا ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻئي  مشڪل ۾ هوندا.

ايف آءِ اي اختيارين موجب 28 آگسٽ تي عدالت ۾ مني لانڊرنگ جي رپورٽ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*