ناليواري شاعر احمد فراز  جي ڏهين ورسيءَ تي وزيراعظم عمران خان سندس پٽ کي وڏو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪندي سينيٽ ۾ ايوان قائد نامزد ڪري ڇڏيو

ناليواري شاعر احمد فراز  جي ڏهين ورسيءَ تي وزيراعظم عمران خان سندس پٽ کي وڏو اعزاز ڏيڻ جو اعلان ڪندي سينيٽ ۾ ايوان قائد نامزد ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان طرفان سينيٽ ۾ قائد ايوان لاءِ شبلي فراز جي نامزدگي واري درخواست پارلياماني معاملن واري وزارت ذريعي سينيٽ چيئيرمين صادق سنجراڻي کي موڪلي وئي.

سينيٽ سيڪرٽريٽ وزيراعظم طرفان قائد ايوان جي نامزدگي جو خط ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته گذريل حڪومت ۾ نون ليگ جو راجا ظفر الحق سينيٽ ۾ قائد ايوان هو، جيڪو هاڻي مخالف ڌر جي سربراهه جي حيثيت ۾ آهي.

وزيراعظم عمران خان طرفان قائد ايوان لاءِ نامزد  سينيٽر شبلي فراز  جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي، شبلي فراز  مارچ 2015ع ۾ جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويوهو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*