ميرپور بٺورو ۾ پيراميڊيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن تعلقي اسپتال ۾ ڳوٺاڻن جي ڀڃ ڊاهه خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ميرپور بٺورو ۾ پيراميڊيڪل عملي ۽ ڊاڪٽرن تعلقي اسپتال ۾ ڳوٺاڻن جي ڀڃ ڊاهه خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 عملي ايم ايس ڊاڪٽر اسحاق کٽي، ڊاڪٽر عبدالجبار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو اسپتال گيٽ اڳيان ڪيو.

 ٻئي طرف پري کان آيل مريض اسپتال جي عملي طرفان او پي ڊي جي بائيڪاٽ جي نتيجي ۾ ڏکيائين جو شڪار بڻيل رهيا.

 ان موقعي تي ڊاڪٽرن ميڊيا کي ٻڌايو ته زخمي حالت ۾گذريل رات اسپتال  آندل نوجوان زاهد مهر کي بهتر طبي سهولت فراهم ڪئي وئي پر هو انتهائي نازڪ حالت هئڻ ڪري فوت ٿي ويو.

 هنن وڌيڪ ٻڌايو ته وارثن نوجوان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ عملي تي غفلت جو الزام هڻي عملي تي تشدد ڪيو، جڏهن ته  اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه به ڪئي آهي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀڃ ڊاهه ۽ تشدد ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي.

 واضح رهي ته ڳوٺ نورو محمد شورو ۾ گذريل رات نوجوان ٿنڀي تي چڙهي بجلي جي تارن ۾هٿ وجهي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي هئي، وارثن کيس زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو هو پر نوجوان فوت ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*