ملير  جي علائقي سپر هاءِ وي وٽ واقع خلجي ڳوٺ ۾ منشيات جي اڏي تي ڇاپي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ نوجوان مارجي ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو

ملير  جي علائقي سپر هاءِ وي وٽ واقع خلجي ڳوٺ ۾ منشيات جي اڏي تي ڇاپي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾هڪ نوجوان مارجي ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو،

وارثن طرفان مارجي ويل نوجوان جولاش سپر هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، مڇريل ماڻهن پوليس موبائل  ۽ گڏاپ ٿاڻي تي پٿراءُ پڻ ڪيو، پوليس اختيارين طرفان نوجوان جي مارجڻ واري واقعي جي ڊي آءِ جي اوڀر جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي.

گڏاپ  ٿاڻي جي پوليس خلجي ڳوٺ ۾ منشيات فروش جنت گل جي اڏي تي ڇاپو هڻي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ته  ڇڪتاڻ وڌي وئي.

علائقي واسين موجب پوليس گرفتاريون ڪجرڻ کان اڳ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 سالن جو بلال نالي هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻيو نوجوان شڪيل احمد سخت زخمي ٿي پيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اسان گرفتاريون ڪري واپس وڃي رهيا هئاسين ته منشيات فروشن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان مارجي ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.

علائقي واسين مارجي ويل نوجوان جو لاش سپر هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سپر هاءِ وي جا ٻئي ٽريڪ ٽريفڪ لاءِ بند ٿي ويا.

 ان موقعي تي مظاهرين پوليس موبائل ۽ گڏاپ ٿاڻي تي پٿراءُ ڪيو جڏهن ته پوليس طرفان مظاهرين کي  ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي وئي.

بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو جڏهن ته مارجي ويل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻئي طرف خلجي ڳوٺ ۾نوجوان جي مارجڻ واري واقعي بابت ڊي آءِ جي اوڀر عامر  فاروقيءَ جي سربراهيءَ ۾جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*