وزيراعظم عمران خان طرفان سنڌ جو نامزد ڪيل گورنر عمران اسماعيل انٽر پاس نڪتو

وزيراعظم عمران خان طرفان سنڌ جو نامزد ڪيل گورنر عمران اسماعيل انٽر پاس نڪتو،عمران اسماعيل جي تعليمي قابليت سامهون ايندي ئي ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچي ويون آهن، تعليمي ماهرن وزيراعظم کي اپيل ڪئي آهي ته  هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني  ڪري.

عمران اسماعيل ڪراچي جي پي ايس 111 تان چونڊ کٽي هئي

ڪراچي جي پي ايس 111 تان اليڪشن کٽي آيل تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل جي تعليمي قابليت انٽر آهي.

 ٻارنهن درجا پاس عمران اسماعيل پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾به لکيو ته هن بي ڪام پارٽ ون به ڪليئر ڪيو آهي.

انٽر پاس گورنر، سنڌ جي يونيورسٽيز  جو چانسلر هوندو، جنهن کي يونيورسٽيز  جا وي سيز به مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو  ۽ هو  چانسلر جي حيثيت ۾شاگردن کي ڊگريز به ايوارڊ ڪندو.

تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته عمران اسماعيل جي تعليمي قابليت  منصب سان مطابقت نه ٿي رکي، ان ڪري وزيراعظم پنهنجي فيصلي تي نظرثاني  ڪري……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*