صوبائي وزير شبير بجاراڻي سکر بئراج جو دورو ڪري بئراج جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو

صوبائي وزير شبير بجاراڻي سکر بئراج جو دورو ڪري بئراج جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو.

ان موقعي تي صوبائي وزير شبير بجاراڻي چيو ته سکر بئراج جو ٽائم فريم مڪمل ٿيڻ وارو آهي، نئين بئراج لاءِ پيپر ورڪ شروع ڪيوويوآهي.

هن چيو ته وڏي وزير جي هدايت تي بئراج جو دورو ڪري رهيو آهيان، بئراج جي جنهن گيٽ تي ڪم جي ضرورت هوندي، ان تي فوري طور ڪم شروع ڪرايو ويندو.

صوبائي وزير چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب آبادگارفصل نه پوکي سگهيا آهن، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ اڃان به 30 سيڪڙو آهي.

 هن جو چوڻ هو ته سکر بئراج کان پاڻي جي ورهاست صحيح ڪئي پئي وڃي، ڪئنالن ۾ ورهاست جو عمل درست نه آهي.

هن چيو ته سکر بئراج جي چيف انجنيئر کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي جي ورهاست جو عمل منصفاڻوبڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*