تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه فرمان سڀاڻي گورنر خيبر پختونخوا جي عهدي جو قسم کڻندو.  قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿيندي

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه فرمان سڀاڻي گورنر خيبر پختونخوا جي عهدي جو قسم کڻندو.  قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿيندي، ان حوالي سان دعوت نامو به تيار ڪيو  ويو آهي.

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه فرمان 32 هين گورنر جي حيثيت سان سڀاڻي گورنر خيبر پختونخوا جي عهدي جو قسم کڻندو.

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس وقار احمد گورنر کان عهدي جو قسم وٺندو.

گورنر جي قسم کڻڻ واري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿيندي، جنهن ۾ وڏو وزير محمود خان به شرڪت ڪندو.

شاهه فرمان جو چوڻ آهي ته هو هر اهو ڪم ڪندو، جنهن سان بچت ممڪن هجي، جيڪڏهن سڪيورٽي جو مسئلو ٿيو ته گورنر هائوس ۾ ڪنهن آفيسر جي گهر ۾ رهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*