خيرپور ناٿن شاهه گرڊ اسٽيشن ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو

خيرپور ناٿن شاهه گرڊ اسٽيشن ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 شهرين سم شاخ جي ڪڙ تي لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تعلقي اسپتال خيرپورناٿن شاهه پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪري ڇڏيو.

 اسپتال ۾ نوجوان  جي سڃاڻپ عاشر چانڊيو طور ڪئي وئي آهي، پوليس  وارثن کي اطلاع ڪري ڇڏيو آهي.

 پوليس موجب 25 ورهين جو نوجوان ڳوٺ مراد چانڊيو جو رهواسي آهي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*