صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ  جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي

4 سيپٽمبر تي رِٿيل ملڪ جي نئين صدر جي چونڊ لاءِ نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف جو صدارتي اميدوار عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان اعتزاز احسن ميدان ۾ لهندو.

صدارتي چونڊ لاءِ نامزدگي ڪاغذ  جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، اڄ 12 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.

صدارتي چونڊ لاءِ جاري ڪيل شيڊول موجب، نامزدگي ڪاغذن جي جچ پڙتال 29 آگسٽ تي صبح 10 وڳي تائين ڪئي ويندي.

صدارتي اميدوار خميس 30 آگسٽ تائين نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهن ٿا، انهيءَ ڏينهن هڪ وڳي اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

ملڪ جي13هين صدر جي چونڊ لاءِ پولنگ 4 سيپٽمبر تي ٿيندي، سينيٽ قومي اسيمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين تي ٻڌل اليڪٽورل ڪالج صدر کي چونڊيندو.

چيف اليڪشن ڪمشنر ريٽرننگ آفيسر ۽ چئني صوبائي اسيمبلين ۾ هاءِ ڪورٽس جي چيف جسٽس، سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس پريزائيڊنگ آفيسر جي ذميواري نڀائيندو.

پولنگ جو عمل صبح 10 وڳي کان شام 4 وڳي تائين جاري رهندو. سينيٽرز ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پارليامينٽ هائوس ۾ پولنگ جي عمل ۾ حصو وٺندا.

قومي اسيمبلي، سينيٽ صوبائي اسيمبلين ۾ ٽوٽل ميمبرن جو 706 آهي. اهڙي ريت قومي اسيمبلي، سيينٽ ۽ بلوچستان اسيمبلي جي هر ميمبر جو هڪ ووٽ تصور ڪيو ويندو..

واضح رهي ته حڪومتي جماعت تحريڪ انصاف جو صدارتي اميدوار عارف علوي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندو، جڏهن ته پيپلزپارٽي طرفان اعتزاز احسن ميدان ۾ لهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*