پيپلزپارٽي کانسواءِ اپوزيشن جماعتن مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

پيپلزپارٽي کانسواءِ اپوزيشن جماعتن مولانا فضل الرحمان کي صدارتي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي اميدوار  اعتزاز احسن  پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

پيپلزپارٽي جي صدارتي اميدوار اعتزاز  احسن  اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

فارم جمع ڪرائڻ وقت شيري رحمان، قمر زمان ڪائره ۽ خورشيد شاهه سميت ٻيا اڳواڻ اعتزاز احسن سان گڏ هئا.

ٻئي طرف اپوزيشن مولانا فضل الرحمان کي گڏيل  اميدوار   طور نامزد  ڪري ڇڏيو. جڏهن ته پيپلزپارٽي اپوزيشن جي اميدوار جي مخالف ڪري ڇڏي آهي.

مولانا فضل الرحمان ڪجهه دير ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*