خيرپور ۾سول اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽر مان نرس ۽ سندس مڙس واپڊا ملازم جا گوليون لڳل ڪجهه ڏينهن پراڻا لاش  هٿ ڪيا ويا آهن

خيرپور ۾سول اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽر مان نرس ۽ سندس مڙس واپڊا ملازم جا گوليون لڳل ڪجهه ڏينهن پراڻا لاش  هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مان لڳي ٿو ته مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات ڪيو آهي.

خيرپور سول اسپتال جي سرڪاري ڪوارٽر مان نرس راحيلا ميربحر ۽ واپڊا جي لائن سپرنٽنڊنٽ خير محمد ملاح جا گوليون لڳل لاش هٿ ڪياويا.

 بي سيڪشن پوليس ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته خير محمد ملاح جي هٿ ۾ پستول هو، ان مان لڳي رهيو آهي ته هن پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ راحيلا ميربحر ناراض ٿي گهر مان هلي وئي هئي، جنهن جو ڪيس سندس مڙس سول اسپتال جي ملازم خلاف داخل ڪرايو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*