سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ 6 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

سپريم ڪورٽ احتساب عدالت کي العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسز جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ 6 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته وڌيڪ وقت نه ٿا ڏئي سگهون، هن ڪيس ۾ اڳ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي ورتي ته آخر مئسلو ڪهڙو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

 ٻڌڻي دوران نوازشريف جي وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته 15 ڊسمبر تائين ڪيسز مڪمل ڪرڻ جو وقت ڏنو وڃي.

جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهو وقت تمام گهڻو آهي، ايترو وقت نه ٿا  ڏئي سگهون.

چيف جسٽس چيو ته اڄ تائين هن  ڪيس ۾ دلچسپي ناهي ورتي ته مسئلو  ڪهڙو آهي، اسان کي ڪيس جو بيڪ گرائونڊ ٻڌايو وڃي.

جنهن تي نيب عدالت کي ٻڌايو ته ريفرنس نمبر 19  فليگ شپ نوازشريف ۽ حسن نواز خلاف آهي،  عدالت چيو ته نيب عدالت جو جج هفتيوار  رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائيندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته اميد ڪيون ٿا ته وڪيل  ورتل مدي ۾ پنهنجو دفاع مڪمل ڪري وٺندا.

وڪيل خواجا حارث چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل شروع ٿي وئي ته مهنجي لاءِ ٻنهي هنڌن تي ڪم ڪرڻ  ڏکيو ٿي ويندو.  جنهن تي چيف جسٽس چيو ته  جيڪڏهن مسئلو ٿئي ٿو ته ڇنڇر ڏهاڙي به ڪم ڪيو، اسان به ته ڪري رهيا آهيون.

جسٽس اعجاز الحسن نيب پراسيڪيوٽر کان پڇا ڪئي ته ريفرنسز ڪهڙي سطح تي پهتا آهن، جهن تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ريفرنس نمبر 19 ۽ 20 ۾ واجد ضياءَ ۽ جاچ آفيسر جا بيان قلمبند ٿيڻا آهن.

سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف العزيزيه فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ6 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*