سپريم ڪورٽ ۾ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نادرا رپروٽ جمع ڪرائي ڇڏي

سپريم ڪورٽ ۾ کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نادرا رپروٽ جمع ڪرائي ڇڏي، چيف جسٽس ڌرين کي  رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 15 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس  ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ کدڙن فقيرن  کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران نادرا   عدالت ۾  کدڙن فقيرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ بابت رپورٽ جمع ڪرائي.

جنهن تي چيف جسٽس ڌرين کي رپورٽ  جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

عدالت ڌرين کان 15 ڏينهن ۾ جواب طلب ڪندي کدڙن فقيرن بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*