ڀارتي واٽر ڪميشن جي 9 رڪني وفد جي شيڊول ۾ تبديلي اچي وئي آهي

ڀارتي واٽر ڪميشن جي 9 رڪني وفد جي شيڊول ۾ تبديلي اچي وئي آهي، وفد ٻن ڏينهن جي دوري تي سڀاڻي واهگا بارڊر ذريعي پاڪستان پهچندو، پاڪستان چناب درياهه تي ڀارت جي ٻن نون منصوبن تي اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهي ٻئي منصوبا سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن.

پاڪستان ڳالهين لاءِ يندڙ ڀارتي واٽر ڪميشن وفد جي شيڊول ۾ تبديلي اچي وئي آهي،  وفد سڀاڻي واهگا ڀارڊر  ذريعي پاڪستان پهچندو.

ڀارتي وفد کي واهگا بارڊر  رستي اڄ لاهور پهچڻو هو، ڀارتي حڪومت طرفان اجازت نه ملڻ تي وفد جي پاڪستان آمد جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي.

لاهور پهچڻ کانپوءِ ڀارتي وفد اسلام آباد روانو ٿيندو،  جتي  ٻه ڏينهن ترسڻ بعد 30 آگسٽ تي  ڀارت روانو ٿي ويندو.

ٻنهي ملڪن جي واٽر ڪميشنز وچ ۾ وفدن جي سطح تي پاڻي تڪرار بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

ذريعن موجب، پاڪستان پاگلدول ۽ ڪلنائي رٿا تي اعتراض واريا آهن، جنهن تي ڀارتي وفد پاڪستان کي جواب ڏيندو.

پاڪستان چناب درياهه تي ڀارت جي ٻن نون منصوبن تي اعتراض واريندي موقف اختيار ڪيو آهي ته اهي ٻئي منصوبا سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*