اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو، آصف علي زرداري چيو آهي ته سندس خلاف ڪيس نوازشريف جي دور  جا آهن، هاڻ نوازشريف پاڻ به عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، اهڙن  ڪمن ۾ ايئن ٿيندو رهندو آهي.

اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جعلي اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿيا.

ايڊيشنل ڊي جي ايف اءِ اي نجف مرزا جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان 3.5 منٽن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ مختلف سوال به پڇيا.

پڇا ڳاڇا دوران آصف علي زرداري چيو ته منهنجي خلاف هي ڪيس نوازشريف جي دور جا آهن. اهي ڪيس نوازشريف ئي ٺاهيا آهن.

اڳوڻي صدر اصف علي زرداري کان سوال ڪيو ويو ته ڇا انهن ڪيس ذريعي اوهان کي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي، ان تي اوهان جو ڇا چوڻ آهي، جنهن تي آصف زرداري کلندي جواب نه ڏنو.

بيان قلمبند ڪرائڻ  دوران آصف علي زرداري ڪجهه سوالن جا جواب ڏيڻ کان پاسو ڪيو ۽ 35 منٽن تائين سوالن جا جواب ڏيڻ بعد ايف اءِ اي آفيس کان روانو ٿي ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*