سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي

سنڌ جي نامزد گورنر عمران اسماعيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان پاران عمران اسماعيل جي استعيفيٰ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.

عمران اسماعيل اڄ سنڌ جي 33 هين گورنر طور عهدي جو حلف کڻندو.

گورنر هائوس ۾ اڄ شام تقريب ٿيندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نئين گورنر کي عهدي جو حلف کڻائيندو.

عمران اسماعيل جو چوڻ آهي ته هو گورنر هائوس ۾ رهڻ بدران پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*