صدارتي چونڊ لاءِ ن ليگ وٽ سڀ کان وڌيڪ ووٽ آهن, احسن اقبال

اپوزيشن اڳواڻن حاصل بزنجو، احسن اقبال ۽ ٻين چيو آهي ته پهريان پيپلزپارٽي پاڻ صدارتي اميدوار لاءِ شهبازشريف جو نالو ڏنو، هاڻ پوئتي هٽڻ سان اپوزيشن اتحاد نه ڌَڪ رسيو، پ پ اڳواڻن کي اڃا به آصف زرداري کي راضي ڪرڻ لاءِ منٿون ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ صدارتي چونڊ لاءِ مولانا فضل الرحمان جا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته صدارتي چونڊ لاءِ ن ليگ وٽ سڀ کان وڌيڪ ووٽ آهن.

هن چيو ته  پي پي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اميدوار نامزد ڪيو، اعتزاز احسن ن ليگ اڳواڻن تي ذاتي حملا ڪيا، ن ليگ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي اعتزاز احسن بابت خدشا آهن.

احسن اقبال چيو ته، اميد ڪيون ٿا ته پيپلزپارٽي اپوزيشن جي ووٽ کي  ورهائڻ کان بچائندي، امير مقام گڏيل اپوزيشن جو متبادل اميدوار هوندو.

ان موقعي تي مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته لاڳيتو رابطن باوجود پيپلزپارٽي هن وقت تائين اتحاد جو حصو ناهي بڻجي سگهي، هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلزپارٽي وٽ وينداسين ۽ کيس راضي ڪرڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

زاهد خان چيو ته هو اپوزيشن جي صدارتي اميداور مولانا فضل الرحمان جي حمايت ڪندا،

حاصل بزنجي چيو ته شهباز شريف جو نالو پيپلزپارٽي پاڻ ڏنو آهي، مضبوط اپوزِيشن لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻو پوندو.

هن چيو ته فيصلو ٿيو هو ته وزيراعظم جو اميدوار ن ليگ، اسپيڪر پيپلزپارٽي ۽ ڊپٽِ اسپيڪر ايم ايم اي جو هوندو.

حاصل بزنجي چيو ته پهرين مرحلي ۾ فيصلو ٿيو ته وزيراعظم جو اميدوار ن ليگ جو هوندو

هن چيو ته پيپلزپارٽي جهڙي ريت بيڪ آئوٽ ڪيو، ان سان اتحاد کي تمام گهڻو ڌڪ لڳو آهي.  اعتزاز احسن جي عزت ڪيون ٿا پر ووٽ ڏيڻ ن ليگ جي ميمبرن لاءِ تمام گهڻو ڏکيو هو.

حاصل بزنجي چيو ته ڪوشش ڪنداسين ته پيپلزپارٽي جي دوستن ۽ آصف زرداري کي راضي ڪيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*