پنجاب جي 23 رڪني ڪابينا اڄ شام 5 وڳي حلف کڻندي، عليم خان سينئر صوبائي وزير هوندو

پنجاب جي 23 رڪني ڪابينا اڄ شام 5 وڳي حلف کڻندي، عليم خان سينئر صوبائي وزير هوندو، وٽس مڪاني ادارن ۽ ڪمپيونٽي ڊولپمينٽ جا قلمدان به هوندا، محمود الرشيد کي هائوسنگ، حافظ ممتاز احمد کي ايڪسائز ۽ راجا راشد کي روينيو کاتي جا قلمدان ملندا

تحريڪ انصاف 23 رڪني پنجاب ڪابينا جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي اڄ شام حلف کڻي رهي آهي.

ملڪ محمد انور، چوڌري ظهير الدين ۽ هاشم ڊوگر کي به پنجاب ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

راجا راشد حفيظ کي روينيو جي وزارت ڏني وئي آهي، جڏهن ته عليم خان پنجاب جو سينيئر وزير هوندو، کيس لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

راجا بشارت کي قانون ۽ پارلياماني معاملن جو وزير بڻايو ويو آهي. ملڪ نعمان لنگڙيال ۽ حسنين دريشڪ به پنجاب ڪابينا ۾ شامل آهن.

ان سان گڏوگڏ ميان اسلم اقبال کي انڊسٽريز، ڪامرس اينڊ انويسٽمينٽ، ياسر همايون سرفراز کي هائير ايجوڪيشن ۽ ٽورزم ڊپارٽمينٽ، ميان محمود الرشيد کي هائوسنگ، اربن ڊولپمينٽ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

محمد سبطين، سردار آصف نڪئي ۽ حافظ عمار ياسر کي به پنجاب ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

فيض الحسن چوهان کي سڌ سماءَ ۽ ڪلچر بابت وزير مقرر ڪيو ويو آهي. سميع الله چوڌري کي خوراڪ بابت وزير، مخدوم هاشم بخت کي پنجاب جو ناڻي وارو وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

حافظ ممتاز احمد کي ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جو قلمدان ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*