وزيراعظم نواز شريف جرمني جو دورو مڪمل ڪري لنڊن پهچي ويو

وزيراعظم نواز شريف، جرمني جو دورو مڪمل ڪري لنڊن پهچي ويو آهي، پاڪستان ۽ برطانيه ۾ توانائي شعبن سميت مختلف معاهدن تي صحيح ڪرڻ جو امڪان آهي.

وزيراعظم نواز شريف، جرمني جو دورو مڪمل ڪري ٻن ڏينهن جي دوري تي برطانيه جي گادي واري شهر لنڊن پهتو، جتي سندس برطانيه ۾ مقرر پاڪستاني سفير ۽ ٻين آجيان ڪئي.

وزيراعظم نواز شريف، توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪمپنين سميت مختلف برطانيه جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪندو.

وزيراعظم جي دوري دوران پاڪستان ۽ برطانيه ۾ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ معاهدن جو امڪان آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*