اپوزيشن اتحاد گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام رهيو، تحريڪ انصاف جي اميدوار عارف علوي

اپوزيشن اتحاد گڏيل صدارتي اميدوار آڻڻ ۾ ناڪام رهيو، تحريڪ انصاف جي اميدوار عارف علوي، پيپلزپارٽي جي اعتزاز احسن ۽ اپوزيشن جي اميدوار مولانا فضل الرحمان پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا.

ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي يو آءِ  سربراهه مولانا فضل الرحمان کي اپوزيشن طرفان گڏيل اميدوار نامزد ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.

جي يو  آءِ سربراهه  مولانا فضل الرحمان طرفان اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ ۾  پنهنجا صدارتي نامزدگي فارم جمع ڪرايا.

ٻئي طرف پيپلزپارٽي جي نامزد صدارتي اميدوار اعتزاز احسن به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اعتزاز احسن طرفان تجويز ڪندڙ خورشيد شاهه ۽ تائيد ڪندڙ شيري رحمان آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  ۾ پهچڻ وقت اعتزاز احسن سان قمر زمان ڪائره، سيد نويد قمر، شيري رحمان ۽ خورشيد شاهه سميت ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

صدر جي عهدي لاءِ تحريڪ انصاف طرفان نامزد  اميدوار ڊاڪٽر عارف علوي  نامزدگي ڪاغذ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عارف علوي تجويز ڪندڙ ۽ تائيد ڪندڙن لاءِ 4 فارم جمع ڪرايا آهن، شبلي فراز، صداقت عباسي، فرخ حبيب ۽ انوار الحق ڪاڪڙ تائيد ڪندڙن ۾ شامل آهن.

جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، ملڪه علي بخاري ۽ عامر ڊوگر فارم به جمع ڪرايا آهن.

ٻئي طرف صدر جي عهدي لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم سِر زمان ۽ ٻين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾  ڊاڪٽر عارف علوي جا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*