خيرپورناٿن شاهه ڀرسان مهينواڳ اغوا ڄاڻايل نابين عورت کي پوليس ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي

خيرپورناٿن شاهه ڀرسان مهينواڳ اغوا ڄاڻايل نابين عورت کي پوليس ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي، نابين عورت جو چوڻ آهي، ته جوابدارن اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانوبڻايو آهي.

ڳوٺ ڪوڙو حسين مان اغوا ٿيل شادي شده عورت گڏي چانڊيو کي خيرپورناٿن شاهه پوليس ڪارروائي ڪري بازياب ڪرائي ورتو آهي، اڄ کيس عدالت آڏو روبرو پيش ڪيو ويندو.

 بازياب ڪرايل شادي شده عورت دادو پريس ڪلب پهچي ميڊيا کي ٻڌايو ته کيس جوابدارن اغوا ڪري مهينو لاڳيتو لڄالٽ ڪئي ۽ تشدد پڻ ڪيو ويو، جڏهن ته وار ڪتري تذليل ڪئي وئي آهي.

 هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس مڙس عبدالغفار چانڊيو ٻي شادي ڪئي آهي، ۽ کيس گهر مان نيڪالي ڏيارڻ لاءِ اغوا ڪرايو ويو.

 نابين عورت اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*