سکر ۾شھيد محترما بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيوويو

سکر ۾شھيد محترما بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازمن  پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيوويو.

ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسئشن پاران ملازمن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري رياض احمد ڀيو، ذوالفقار شر ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ايم سي ڪاليج ۾احتجاجي مظاھرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملازمن جي جائز مسئلن خاص ڪري سن ڪوٽا،وردي الائونس سميت ڪيترا ئي مسئلا حل نه ڪيا پيا وڃن.

 ھنن چيو ته يونيورسٽي  جي انتظاميا پاران ملازم دشمن پاليسيون اختيار ڪري  يونيورسٽي جو ماحول خراب ڪيو پيو  وڃي.

ھنن مطالبو ڪيو آهي ته مطالبا منظور ڪري شھيد محترما بينظير ڀٽو ميڊيڪل  يونيورسٽي جو وي سي هٽايو وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*