سکر ۾ڳڙهي ياسين جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن نينگر تي حملي جا جوابدارگرفتارنه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

سکر ۾ڳڙهي ياسين جي رهواسي ميراڻي برادري جي ماڻهن نينگر تي حملي جا جوابدارگرفتارنه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳڙهي ياسين جي ميراڻي برادري جي ماڻهن سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪراچي جو رهواسي نينگر فيروز ميراڻي ڳڙهي ياسين گهمڻ لاءِ آيو ته هن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

هنن چيو ته ماستر ميهر خان مارفاڻي فيروز کي دوستي رکڻ لاءِ چيو انڪار تان ساٿين سان گڏجي گهر تي حملوڪري تشدد جو نشانو بڻايو۽ فرار ٿي ويو.

هنن مطالبو ڪيو ته گهر تي حملو ڪري نينگر تي تشدد ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*