نوابشاهه ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

نوابشاهه ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ملازمن اڪرم مشوري، ڄام محمد نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڪيو ويو.

 ان موقعي تي هنن چيو ته کين پگهار 2 مهينن کان نه پئي ڏني وڃي، جنهن سبب اهي فاقاڪشي جو شڪار ٿي ويا آهن.

 هنن وڌيڪ ٻڌايو ته 2011ع ۾ ڀرتي ڪيل اسٽيوٽا ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ملازمن کي 7 سال گذرڻ باوجود پڪو نه ٿو ڪيو وڃي نه ئي ڪنهن کي ترقي ڏني وئي آهي.

 هنن سنڌ جي وزيراعليٰ کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن پگهارون جاري ڪري ۽ ٻيا مسئلا حل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*