اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي جي وقفي دوران چانهه پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي جي وقفي دوران چانهه پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، اسٽاف روم ۾ ويهڻ جي مناسب جڳهه نه ملڻ ۽ عدالتي ڪمري ۾ اجازت نه هئڻ سبب سندس چانهه پيئڻ وارِي خواهش پوري نه ٿي سگهي.

اسلام  آباد جي احتساب عدالت ۾  جج ارشد ملڪ  نوازشريف خلاف العزيزيه اسٽيل ملز ۽  فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي اڊيالا جيل مان سخت سيڪيورٽي ۾ احتساب عدالت ۾ آندو ويو.

ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ وقفي دوران نوازشريف  لاءِ چانهه گهرائي وئي پر هن جيل کان ٻاهر چانهه پيئڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

جنهن کانپوءِ نواز ليگ اڳواڻ ۽ نواز شريف  چانهه پيئڻ لاءِ عدالتي ڪمري کان اي ٽي سي اسٽاف روم ويا، جتي ويهڻ جي مناسب جڳهه نه ملڻ تي  واپس موٽي  آيا.

نواز ليگ اڳواڻ ناصر بٽ نواز شريف لاءِ چانهه کڻي  ۽ چانهه پيندي وڪيل سان ڳالهيون ڪيون.

وڪيل نوازشريف کي عدالتي ڪمري جي ڊسيپلين بابت آگاهي ڏني. جنهن تي نوازشريف چانهه جو ڪپ اتي ئي ڇڏي ڏنو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*