پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻڻ کي پنهنجي صدارتي اميدوار ووٽ ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف سميت سمورين پارلياماني جماعتن سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻڻ کي پنهنجي صدارتي اميدوار ووٽ ڏيڻ لاءِ تحريڪ انصاف سميت سمورين پارلياماني جماعتن سان رابطا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، آصف علي زرداري چيو  آهي ته مولانا فضل الرحمان جي ڪردار تي هميشه وڏو سواليا نشان رهندو.

اسلام آباد ۾ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صدارتي چونڊ ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، خورشيد شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي آصف زرداري مولانا فضل الرحمان جي صدارتي اميدوار بڻجڻ تي ڳڻتي جو اظاهر ڪيو.

اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن موقف اختيار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان ته پيپلزپارٽي جي موقف جو حامي  ۽ وڪيل هو، هو پاڻ ڪيئن اميدوار بڻجي سگهي ٿو.

آصف زرداري  چيو ته اعتزاز احسن ئي پيپلزپارٽي جو اميدوار آهي، جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف سميت سمورين پارٽين سان رابطا ڪيا وڃن.

آصف علي زرداري چيو  ته مولانا فضل الرحمان جي ڪردار تي هميشه وڏو سواليا نشان رهندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*