نواز ليگ اڳواڻ مشاهدالله خان چيو آهي ته نوازشريف جي اها ليول ناهي ته هُو اعتزاز احسن تي ڳالهائي

نواز ليگ اڳواڻ مشاهدالله خان چيو آهي ته نوازشريف جي اها ليول ناهي ته هُو اعتزاز احسن تي ڳالهائي، اعتزاز احسن ڪلثوم نواز جي بيماري  جو به خيال نه ڪيو هو.

 اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مشاهدالله خان چيو ته ميان محمد نوازشريف سان سندس ملاقات عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران هن کيس صدارتي چونڊ بابت ٻڌايو.

هن چيو ته اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا نواز ليگ صدارتي چونڊ ۾ اعتزاز احسن جي حمايت ڪندي؟

مشاهدالله خان چيو ته ن ليگ صدارتي چونڊ ۾ اعتزاز احسن جي حمايت نه ڪندي.

هن چيو ته هنن اسپيڪر جي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڏنو پر پيپلزپارٽي وزيراعظم جي چونڊ ۾ نواز ليگ جي اميدوار کي ووٽ نه ڏنو.

مشاهد الله خان چيو ته اعتزاز احسن  اسان جي ليڊر شپ خلاف بيان ڏنا، بيگم ڪلثوم نواز جي بيماري تي به غلط ڳالهايو.

مشاهد  الله خان چيو ته اعتزاز احسن اهو به چيو ته هارلي اسٽريٽ اسپتال نوازشريف جي ملڪيت آهي، هن مريم نواز بابت به غلط ڳالهيون ڪيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*