سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ جاري ترقياتي اسڪيمن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.

وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، شهر ۾ هلندڙ مختلف ميگا پراجيڪٽس جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهر ۾ وڌيڪ ترقياتي منصوبا شروع ڪرائڻ چاهيان ٿو.

هن چيو ته ڊفينس لائبريري ۽ ڊفينس ٽو وٽ ٽريفڪ جام رهي ٿي، ٽريفڪ کي ڪنهن ٻي برج مان رستو ڏنو وڃي.

مراد علي شاهه چيو ته شاهراهه فيصل جي خوبصورتي وارو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي، روڊ  بهتر لڳي رهيو آهي، چڙيا گهر ۾ هلندڙ ترقياتي ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي.

هن چيو ته عيد جي ڏهاڙن دوران باهه واقعن جي جاچ ڪري اسنارڪل کي فائر ٽينڊر فليٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي عملدارن پاران شهر ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني سميت ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*