پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ پٽن ملڪيت جي لالچ ۾ پنهنجي پيءُ تي تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو

پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان ۾ پٽن ملڪيت جي لالچ ۾ پنهنجي پيءُ تي تشدد ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو، پيرسن منظور حسين چيو آهي ته سندس اولاد کيس قتل ڪرڻ چاهي ٿو، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڊيرا غازي خان ۾ پٽن ملڪيت جي لالچ ۾ اچي پنهنجي پيرسن پيءُ منظور حسين تي تشدد ڪيو ۽ کيس گهر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

متاثر منظور حسين چيو ته سندس پٽن لالچ ۾ اچي کيس گهر مان ٻاهر ڪڍيو آهي، پوليس به ساڻن ٻٽ بڻيل  آهي.

منظور حسين چيو ته سندس 13 ڪينال 12 مرلا زمين آهي، جنهن کي سندس پنهنجي زبردستي پنهنجي نالي ڪرائي ڇڏيو آهي.

منظور حسين اعليٰ اختيارن کان اپيل ڪئي ته  سندس پٽ کيس قتل ڪرڻ چاهين ٿا، کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*