وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي روڪڻ تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر کي بدلي ڪيو ويو آهي

وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي روڪڻ تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر کي بدلي ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو  آهي.

ذريعن موجب، پوليس 23 آگسٽ تي خاور مانيڪا کي پاڪپتن ۾ ناڪي وٽ روڪڻ جو اشارو ڪيو پر هو نه رڪيو ۽ پوليس جڏهن کيس روڪيو ته هن غلط لفظ استعمال ڪيا.

ذريعن موجب، واقعي بعد پنجاب حڪومت ريجنل پوليس آفيسر ۽ ڊي پي او رضوان گوندل کي 24 آگسٽ تي طلب ڪيو هو.

پوليس ذريعن موجب، ان موقعي تي ڊي پي او ۽ رضوان گوندل کي معافي گهرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ڊي پي او رضوان معافي گهرڻ کان انڪار  ڪندي چيو هو ته پوليس جو ان ۾ ڪو به ڏوهه نه آهي.

ذريعن موجب، ڊي پي او رضوان جو ٽرانسفر خاور مانيڪا کان معافي نه گهرڻ تي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي روڪڻ تي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر کي بدلي ڪيو ويو آهي

ٻئي طرف حڪومتي ذريعن موجب، پنجاب جي وڏي وزير آر پي او ۽ ڊي پي او کي طلب ڪندي معاملي کي ختم  ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. رپورٽ نه ڏيڻ تي کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي. …..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*