ڪنريءَ ويجهو قاِضي موڙ وٽ ڦٽين سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميرپور خاص روڊ تي ٽريفڪ بري طرح متاثر ٿي وئي

ڪنريءَ ويجهو قاِضي موڙ وٽ ڦٽين سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ميرپور خاص روڊ تي ٽريفڪ بري طرح متاثر ٿي وئي، پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مال برادار گاڏين جون روڊ جي ٻنهي پاسي قطارون لڳي ويون.

ڪنري-ميرپورخاص روڊ جي قاضي موڙ وٽ مين موري گذريل 6 مهينن کان ٽٽل هجڻ باوجود اختيارين طرفان نوٽيس نه ورتو ويو آهي آهي.

 موري ٽٽل هجڻ سبب ڪنري کان ميرپورخاص ويندڙ ڦٽين سان ڀريل ٽرڪ ٽٽل موري وٽ اونڌي ٿي پئي.

 علائقي واسين ٽرڪ جو دروازو ٽوڙي ڊرائيور ۽ ٻئي عملي کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو، ٻي ٽرڪ گهرائي ڦٽيون ان ۾ لوڊ ڪرايون ويون.

 حادثي سبب ڪنري کان ميرپورخاص ۽ ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ سخت متاثر ٿي.

 علائقي واسين جو چوڻ ھو ته 6 مهينن کان مين موري ٽٽل آھي، ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آھن، ڪافي دانهون ڪيون آھن، ڪير ٻڌڻ وارو ناھي.

هنن جو چوڻ آهي ته موري ٻسٽان شاخ تي ٺھيل آھي ۽ ٻنهي پاسن کان سيفٽي لاءِ ديوارون وغيره به ٺھيل نه آھن، ڪنهن به وقت وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ ڪي ٽي اين نيوز تي رپورٽ به هلي هئي ۽ علائقي واسين  ۽ ڊرائيورن احتجاج  ڪندي حادثن جي خدشن جو اظھار به ڪيو هو پر اختيارين طرفان نوٽيس نه ورتو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*