سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نظام ۾ بهتري جي ضرورت آهي، صوبائي وزير سعيد غني

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته کاتي جي عملدارن کان غيرقانوني اڏاوتن بابت تفصيل گهريا آهن، غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي نظام ۾ بهتري جي ضرورت آهي، ڪم  نه ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته ڪجهه مهينن اندر ادارن ۾ بهتري نظر ايندي، جيڪي به ادارا ماتحت آهن انهن کا بريفنگ وٺندو رهندس.

سعيد غني چيو ته جيڪي آفيسر بهتر نموني سان ڪم ڪندا انهن جي ترقي جي سفارش ڪندس.

هن چيو ته واٽر ڪميشن ڪجهه سفارشون ڏنيون آهن ۽ نيب مان ايندڙ سفارشن کي پاڻ ڏسندس.

سعيد غني چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي غيرقانوني اڏاوتن خلاف ڪارروائي کان اڳ آگاهه ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*